سنڌ هائيڪورٽ ڏهن ورهين کان گم محمد علي ۽ ٻين جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.
جاچ آفيسر ٻڌايو ته گم ٿيل شهري محمد علي جي بازيابي بابت جي آءِ ٽي جا 24 سيشن ٿي چڪا آهن، محمد علي جو ڪيس جبري گمشدگيءَ جو ڪيس آهي، گم ٿيل محمد عديل واپس اچي چڪو آهي، عدالت محمد عديل جي بازيابي بابت درخواست اڪلائي ڇڏي.
جاچ آفيسر چيو ته شهري عمر خالد کي سي ٽي ڊي ملتان پوليس ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، مٿس ڌماڪيدار مادو رکڻ جو الزام آهي.
عدالت عمر خالد جي بازيابي بابت درخواست بي اثر هجڻ تي اڪلائي ڇڏي.
گم ٿيل محمد علي ۽ ٻين جي بازيابي بابت درخواستن تي وفاقي گهرو ۽ بچاءَ واري وزارتن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.
عدالت چيو ته گهرو ۽ بچاءَ واري وزارت ماتحت اداسرن کان گم ٿيل ماڻهن بابت رپورٽ وٺي جمع ڪرائن.
سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل شهرين بابت صوبائي ٽاسڪ فورس جي گڏجاڻي جي به هدايت ڪئي.
