تازه ترين

فلسطين جي صدر محمود عباس فلسطيني قيادت سان گڏ غزا پٽي وڃڻ جو اعلان

- Advertisement -
فلسطين جي صدر محمود عباس فلسطيني قيادت سان گڏ غزا پٽي وڃڻ جو اعلان ڪري  ڇڏيو آهي. ترڪيه پارلياميٽ جي خاص اجلاس کي  خطاب ڪندي صدر محمود عباس جو چوڻ هو ته هو سموري فلسطيني قيادت سان گڏ غزا جي پٽي ويندو ۽ پنهنجي سمورين توانائين سان فلسطينين خلاف جاري جارحيت روڪڻ لاءِ ڪم ڪندو. فلسطيني صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته سندن جانيون هليون وڃن پر هو اِهو ڪم ڪندو، سندن  حياتيون غزا جي ٻارن جي زندگين کان وڌيڪ قيمتي ناهن. محمود عباس جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسرائيلي حملن باوجود فلسطيني عوام ڄمي بيٺل آهي. فلسطيني صدر چيو ته سموري غزا هنن جي آهي، هو اهڙو ڪو به حل قبول نه ڪندا جيڪي سندن علائقن کي تقسيم ڪري، غزا بنا ڪا فلسطيني رياست ٺاهڻ نه ڏيندا، سندن ماڻهو ڪڏهن به هٿيار ڦٽا نه ڪندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
14 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
26 ° C
26 °
26 °
29 %
1.3kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون