تازه ترين

سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وفاقي ۽ صوبائي گهرو کاتن، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن مان گم ٿيل 12 ڄڻن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ٻڌڻي دوران عدالت ۾ جاچ آفيسر چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ جي آءِ ٽي جا ڪيترائي اجلاس ٿي چڪا آهن. جاچ آفيسر چيو ته حراستي مرڪزن ۽ مختلف ادارن کي خط لکيا آهن. عدالت گم ٿيل ماڻهن جي وارثن کي معاوضي جي ادائيگي کي تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت حڪم ڏيندي چيو ته جديد ڊوائيسز سان گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا ڪئي وڃي ۽ سفري تاريخ جي تصديق ڪئي وڃي. عدالت گم ٿيل ماڻهن بابت وفاقي صوبائي گهرو کاتن، آءِ جي پوليس، ڊي آءِ جي جاچ ۽ ٻين واسطيدار ادارن کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي. عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت داخل درخواستن جي ٻڌڻي 4 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
8 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
30.8 ° C
30.8 °
30.8 °
29 %
1.9kmh
6 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون