- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ ملير جي علائقي اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي پوليس جي فائرنگ ۾ هڪ عورت جي مارجڻ ۽ هڪ عورت جي زخمي ٿيڻ بابت درخواست تي ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون سميت پنجن پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هائيڪورٽ ۾ مارجي ويل سائره سمون جي پٽ جي داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي.
درخواست ڏيندڙ جي وڪيل اشرف سمون موقف اختيار ڪيو ته جولاءِ 2024ع تي صدام سمون پنهنجي امڙ سائره سمون ۽ ڀيڻ غنويٰ سمون سان گڏ ٺٽي وڃي رهيا هئا، گلشن حديد ويجهو هلندڙ گاڏي تي اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي پوليس فائرنگ ڪري ڏني هئي، جنهن جي نتيجي ۾ سائره سمون مارجي ۽ غنويٰ سمون سخت زخمي ٿي پئي هئي.
عدالت ڌرين جو موقف ٻڌڻ بعد ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون آغا رشيد احمد ۽ چئن پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
جسٽس اقبال ڪلهوڙو چيو ته ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ ڊي ايس پي يا اعليٰ آفيسر کي مقرر ڪري واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي.
پوليس فائرنگ ڪندڙ هيڊ ڪانسٽيبل عيدن جي فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪئي جڏهن ته ٻين اهلڪارن کي شاهد بڻايو ويو.
ضلعي سيشن عدالت ملير پوليس خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي- Advertisement -
