- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ ۾ ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس جي عدالتي جاچ لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.
درخواست ايڊووڪيٽ ماجد گبول، ايڊووڪيٽ عمار دايو ۽ ٻين طرفان داخل ڪرائي وئي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 21مئي تي ميرپورماٿيلي ۾ صحافي نصرالله گڏاڻي تي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪئي، علائقي واسي صحافي کي بچائڻ لاءِ آيا ته جوابدارن هوائي فائرنگ ڪئي.
درخواست جي متن موجب، صحافي نصرالله گڏاڻي کي پهريان ڊي ايڇ ڪيو ميرپور ماٿيلو پهچايو ويو جتان کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ شيخ زيد اسپتال رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته صحافي نصر الله گڏاڻي کي ايئر ايمبولينس ذريعي ڪراچي جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته صحافي نصر الله گڏاڻي مظلومن جو آواز هو، وڏيرن ۽ ڪرپٽ عنصرن خلاف آواز بلند ڪندو هو، 2020ع ۾ مقامي ايم پي اي جي پٽ کي غيرقانوني پروٽوڪول جي وڊيو ٺاهڻ تي شهباز لنڊ مٿس فائرنگ ڪئي هئي، نصر الله گڏاڻي، شهباز لنڊ خلاف ڪيس به داخل ڪرايو هو.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نصر الله گڏاڻي کي جعلي ايم پي او تحت نظربند به ڪيو ويو هو، نصرالله گڏاڻي تي حملي جو ڪيس ستن ڏينهن بعد داخل ڪيو ويو ته جيئن ڪيس خراب ڪري سگهجي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ سنڌ حڪومت کي هائيڪورٽ جي جج تي ٻڌل عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو حڪم ڏنو وڃي، ڪميشن ۾ پوليس جي ايماندار ۽ ماهر آفيسرن کي به شامل ڪيو وڃي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي ڪميشن جوڙي 21 مئي تي ٿيل واقعي جي مڪمل جاچ ۽ ذميوارن جو پتو لڳايو وڃي.- Advertisement -
