- Advertisement -
سنڌ پريميئر ليگ گورنر ڪامران خان ٽيسوري کي ليگ جو سفير مقرر ڪري ڇڏيو آهي
گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته مٿس اعتماد تي سنڌ پريميئر ليگ جي چيئرمين ملڪ اسلم ۽ سنڌ پريميئر ليگ جي صدر عارف ملڪ جو ٿورائتو آهيان.
سندس چوڻ هو ته سنڌ پريميئر ليگ پروجيڪٽ جي آرگنائيزرن کي ڀيٽا پيش ڪريان ٿو.
سنڌ جي گورنر چيو ته اسان کي فخر ڪرڻ گهرجي ته اسين مسلمان ۽ پاڪستاني آهيون، اسان کي اها ترقي حاصل ڪرڻي آهي جيڪا دنيا جي اسريل ملڪن وٽ آهي.
هن چيو ته ڪم ڪرڻ لاءِ اختيار جي نه پر ڪردار، ارادي ۽ نيت جي ضرورت هوندي آهي، اميد آهي ته سنڌ پريميئر ليگ نئين ٽيلينٽ کي اڀارڻ لاءِ اهم ثابت ٿيندي.
ڪامران خان ٽيسوري چيو ته کيس يقين آهي ته سنڌ پريميئر ليگ ۾ شامل سموريون ٽيمون سٺي راند کيڏنديون.
هن چيو ته ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال سڀني جي سامهون آهي، ملڪ اسان کي عزت ۽ وقار ڏنو آهي، هاڻي ان کي واپس ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي.
سنڌ جي گورنر چيو ته سنڌ پريميئر ليگ جا سڀ اسپانسرز مبارڪباد جا مستحق آهن، ايس پي ايل سنڌ جو نالو روشن ڪرڻ پئي وڃي.- Advertisement -
