سنڌ کي اهي پاڪستان جي سياحت جو مرڪز بڻائيندا : مراد علي شاهه

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ کي اهي پاڪستان جي سياحت جو مرڪز بڻائيندا.

وڏي وزير مراد علي شاهه سياحت جي عالمي ڏينهن تي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته سنڌ کي اهي پاڪستان جي سياحت جو مرڪز بڻائيندا.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اڄ سياحت جو عالمي ڏينهن سياحت ۽ امن جي موضوع تي ملهايو پيو وڃي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سياحت قومن ۽ ثقافتن وچ ۾ امن ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏئي ٿي.

سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سياحت امن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

سندس چوڻ آهي ته سياحت ماڻهن کي هڪ ٻئي کي سمجهڻ لاءِ هڪ فائديمند ذريعو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ سياحت جا بهترين موقعا موجود آهن، سنڌ جا ساحلي علائقا، درياهه جا دلڪش هنڌ ۽ گورک جبل پاڻ طرف ڌيان ڇڪائين ٿا.

وڏي وزير چيو ته ڪارونجھر، ڪينجھر، کيرٿر نيشنل پارڪ، ٿر جي ريگستان جا دلڪش نظارا سندن ملڪ جي خوبصورتي آھن.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته کين سياحتي ماڳن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.6 ° C
21.6 °
21.6 °
43%
3.1m/s
0%
سُومر
21 °
اڱارو
30 °
اربع
31 °
خميس
31 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون