سنڌ ڪابينا جو اجلاس اڄ 12 وڳي ٿيندو، جنهن ۾ 22 نقاطي ايجنڊا تي غور ويچار ڪيو ويندو

- Advertisement -
سنڌ ڪابينا جو اجلاس اڄ 12 وڳي ٿيندو، جنهن ۾ 22 نقاطي ايجنڊا تي غور ويچار ڪيو ويندو. مقامي ڪوئلي جي ترقي بابت ورڪرز پرافٽ پارٽيسپيشن فنڊ مان 30 سالن لاءِ انسينٽو پيڪيج ڪابينا جي ايجنڊا جو حصو آهي. ڪابينا اجلاس ۾ آٽسزم بورڊ جي ٻي ٽن سالن واري مُدي لاءِ ٽن خانگي ڊائريڪٽرن جي مقرري به ڪئي ويندي، سپرا اٿارٽي بورڊ ميمبرن جي نامزدگي به ڪابينا اجلاس ۾ منظوري ڏني ويندي. امپورٽ ٿيندڙ پيٽروليم شين تي سنڌ انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس ليوي واري ايجنڊا به ڪابينا جو حصو آهي. سنڌ ٽرانسفارميشنل ايڪسيلريٽڊ رورل سروس جي عالمي بئنڪ منصوبي بابت به ڪابينا کان تجويزون ورتيون وينديون. اسلام ڪوٽ ٿر جي پريم نگر ۾ جاويد جبار جي ايس او ايس منصوبي چلڊرن وليج ۾ فنڊنگ بابت رکيل ايجنڊا ۾ شامل آهي. سنڌ لينڊ مينيجمنٽ ڪمپني جو بورڊ آف ڊائيريڪٽر ۽ انتظامي کاتو قائم ڪرڻ لاءِ منظوري ڪابينا کان منظوري ورتي ويندي. جوهي تعلقي ۾ گورک هل اٿارٽي لاءِ پهرين فيز جي 2 لک 84 هزار 597 ايڪڙ زمين مختص ڪرڻ بابت به ڪابينا کان منظوري ورتي ويندي. زرعي ۽ غير زرعي مقصدن لاءِ استعمال ٿيندڙ پاڻي جي آبياني ۽ اگهن ۾ واڌ ۽ ٻوڏ ستايل علائقن ۾ تباهه ٿيل آبپاشي نظام جي بحالي لاءِ خاص فنڊنگ جي منظوري به ورتي ويندي. چين جي فنڊنگ مان ليڊي هيلٿ ورڪرن جا گهر تعمير بابت به ڪابينا کان منظوري ورتي ويندي. لياري جنرل اسپتال ۾ نرسنگ ۽ پيراميديڪل ٽريننگ سينٽر جي الحاق بابت جي منظوري ڪابينا ڏيندي. ڪووڊ ڊاڪٽرن، ٽيڪنيڪل ۽ سپورٽنگ عملي جون 89 ڏينھن جون پگهارون جاري ڪرڻ لاءِ به ڪابينا کان منظوري ورتي ويندي ۽ سماجي اداري جي ڊي سي پاران مفت ليبارٽري سهولتون ڏيڻ واري منصوبي جي مالي مدد جي ايجنڊا به شامل آهي. حب ڪينال جي گنجائش 100 ايم جي ڊي ڪرڻ توڙي بحالي بابت به ڪابينا فيصلو ڪندي ۽ سائيٽ صنعتي علائقي ۽ ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي کي واٽر سپلائي لائن فراهمي بابت به ڪابينا ۾ ايجنڊائون  غور هيٺ اينديون. گريٽر ڪراچي سيوريج منصوبن ايس ٿري، ٽي پي ون ۽ ٿري کي گهٽائي 135 ايم جي ڊي ڪرڻ بابت ڪابينا فيصلو ڪندي ۽ سکر واٽر اينڊ سيوريج بورد جي قيام بابت به ڪابينا کان منظوري ورتي ويندي. رٽائر ٿيندڙ سرڪاري ملازمن جا سال 2023-24 جي ڪميوٽيشن ۽ گريجوئٽي ڪليم به ڪابينا اڪلائيندي..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
37%
2.7m/s
4%
آچر
24 °
سُومر
29 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون