تازه ترين

سنڌ ڪابينا سمورن کاتن ۾ ڀرتين تي لڳل پابندي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ ڪابينا سمورن کاتن ۾ ڀرتين تي لڳل پابندي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. سيد مراد علي شاهه، قانون واري وزير ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي هدايت ڪئي ته اهي عدالتن ۾ ڀرتين تان پابندي ختم ڪرائن. هن چيو ته واٽر اينڊ سيوريج امپرومنٽ پراجڪيٽ ڊونر ايجنسين جي سهڪار سان هڪ سئو ملين ڊالر جا پراجيڪٽ شروع ڪيا آهن. ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ آءِ پي پراجيڪٽ صاف پاڻي جي فراهمي ۽ واٽر بورڊ جو انفرااسٽرڪچر بهتر بڻائڻ لاءِ آهي. سنڌ ڪابينا لاڙڪاڻو يونيورسٽي لاءِ 400 ملين رپين جي به منظوري ڏني. وڏي وزير چيو ته سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪمشنر ذريعي هر يونيورسٽي جو هڪ بزنس پلان ٺاهيو وڃي. سيد مراد علي شاهه چيو ته يونيورسٽي ٺهڻ بعد ڪيئن پنهنجا خرچ پورا ڪندي ان جو پلان به هجڻ گهرجي. سنڌ ڪابينا طرفان خانگي ڪمپنيءَ سان ٽرانسپورٽ بابت معاهدو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. صوبائي ڪابينا، 50 سرڪاري ڊسپينسريون پي پي ايڇ آءِ حوالي ڪرڻ ۽ ڇهن مهينن لاءِ اسٽاف ڏيڻ جي منظوري ڏني…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.5 ° C
29.5 °
29.5 °
14 %
3.4kmh
0 %
ڇنڇر
27 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون