سنڌ ڪابينا ڪنٽونمينٽ بورڊ کي پراپرٽي ٽيڪس اوڳاڙڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ ڪابينا ڪنٽونمينٽ بورڊ کي پراپرٽي ٽيڪس اوڳاڙڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ڪراچي کي حب ڪئنال مان پاڻيءَ جي فراهمي وڌائڻ جي منظوري، حب ڪئنال جي بحالي لاءِ 12 ڏهائي 7 بلين رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري، اسٽيل ملز جي بحالي ۽ خالي زمين تي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون قائم ڪرڻ جو اعلان، سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ بزنس ون اسٽاپ ون شاپ متعارف ڪرائڻ جو فيصلو، سٽي آف اينجلز لاءِ 100 ايڪڙ ايراضي مخصوص ڪرڻ جي منظوري، سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ لاءِ 9 ڏهائي 6 بلين، وليج سڪرنڊ کوسا جو 2 ڪلوميٽر روڊ ٺاهڻ لاءِ 60 ڏهائي 9 ملين رپين جي منظوري، سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ ايس بوس سسٽم جي منظوري، سمورن کاتن کي پنهنجي قانونن جو ڊرافٽ تيار ڪرڻ جي هدايت، اليڪٽرڪ وهيڪلز جي في ۾ رعايت جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري، چيئرمين پي اينڊ ڊي، ناڻي واري سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ خصوصي ماڻهن کي زمين جي الاٽمينٽ، اليڪٽرڪ وهيڪل جي رجسٽريشن ۾ مراعتون ڏيڻ ۽ ايف بي آر ويليو ايشن ٽيبل اپڊيٽ ڪرڻ شامل آهن. ڪابينا جي سب ڪميٽي جي سفارش تي ڪابينا 228 پرائمري استادن جون خاميون اوٻاوڙو لاءِ ٺاهيندي. اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته 228 نين جاين ۾ 178 ميل ۽ 50 فيميل لاءِ آهن. سنڌ ڪابينا سالڊ ويسٽ مينجمينٽ لاءِ 9 ڏهائي 6 بلين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته جيڪي بلڊر پنهنجو ڪچرو روڊن سان گڏ ڊمپ ڪندا ان کي کڻائڻ جي رقم علائقي جو ايس ايس پي ادا ڪندو، پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته ڪير به ڪچرو روڊ ڪناري نه اڇلائي. سنڌ ڪابينا وليج سڪرنڊ کوسا جو 2 ڪلوميٽر روڊ ٺاهڻ لاءِ 60 ڏهائي 9 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير مراد علي شاهه، سنڌ بزنس ون اسٽاپ ون شاپ متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ بزنس ون اسٽاپ ون شاپ انويسٽمينٽ لاءِ هڪ بهترين پلان آهي، اي لائسنگ پورٽل آڻڻ لاءِ قانون ۾ ترميم ڪندا. سندس چوڻ هو ته ايس بوس ذريعي آن لائن ايپليڪيشن، اي پيمينٽ، ايپليڪيشن ٽريڪنگ، ايس ايم ايس، نوٽيفڪيشن ۽ اي سرٽيفڪيٽ جي سهولت هوندي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت جي بورڊ آف انويسٽمينٽ ايس بوس سسٽم جوڙيو آهي، ايس بوس هڪ وقت ۾ 16 مختلف کاتن جو گڏيل سسٽم هوندو. هن چيو ته سنڌ ۾ 48 کاتا آهن ۽ جلد بين کاتن کي به ايس بوس ۾ شامل ڪيو ويندو، انهن کاتن ۾ فوڊ، هيلٿ، انوائرمينٽ، ايجوڪيشن، انڊسٽريز، ليبر، ايڪسائيز، انرجي، روينيو، زراعت، بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ لوڪل گورنمينٽ شامل آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ سرڪار کي سيڙپڪاري آڻڻ لاءِ ايس بوس اهم ثابت ٿيندو. سنڌ ڪابينا سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ ايس بوس سسٽم جي به منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير پاران سمورن کاتن کي پنهنجي قانونن جو ڊرافٽ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. سنڌ ڪابينا سٽي آف اينجلز لاءِ 100 ايڪڙ ايراضي مخصوص ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي. سنڌ ڪابينا اليڪٽرڪ وهيڪلز جي في ۾ رعايت جي به منظوري ڏئي ڇڏي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي سفارش تي اي وهيلڪز نان ڪمرشل لاءِ هڪ هزار رپيا، موٽر وهيلڪز ٽيڪس 500 رپيا، 2000 سي سي لگزري اي وهيلڪز جي 5 هزار، اليڪٽرڪ موٽرسائيڪل 500 ۽ ليٽ رجسٽريشن جو ڏنڊ هڪ هزار رپيا مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ملير ايڪسپريس وي جي سموري ٽريڪ تي زمين ري ڪليم ٿي رهي آهي، ملير ايڪسپريس وي جي ري ڪليم ايراضي ۾ هڪ انچ تي به قبضو برداشت نه ڪيو ويندو. سنڌ ڪابينا سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ڪنٽونمينٽ بورڊ جي علائقن مان پراپرٽي ٽيڪس اوڳاڙي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سنڌ ڪابينا فيصلو ڪيو ته ڪنٽونمينٽ بورڊ پنهنجي طريقي موجب پراپرٽي ٽيڪس جي اوڳاڙي ڪري، ڪنٽونمينٽ بورڊ پراپرٽي ٽيڪس اوڳاڙي ڪرڻ جو 2 سيڪڙو سروس چارجز رکي باقي سنڌ حڪومت کي ڏئي. سنڌ ڪابينا ڪراچي کي حب ڪينال مان پاڻيءَ جي فراهمي وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سنڌ حڪومت پهريان حب ڪينال تي پي پي پي موڊ تي ڪم ڪري رهي هئي، هاڻي حب ڪينال پراجيڪٽ سنڌ سرڪار پنهنجي گرانٽ سان ڪرڻ چاهي ٿي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت هاڻي حب ڪينال پراجيڪٽ پنهنجي خرچ سان مڪمل ڪندي. وڏي وزير حب ڪينال جي بحالي جي منصوبي لاءِ 12 ڏهائي 7 بلين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي. مراد علي شاهه هن سال حب ڪينال پراجڪيٽ لاءِ 750 ملين رپيا رکڻ جي هدايت به ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هو نئين مالي سال 25-2024ع ۾ 12 بلين رويا ڏيندا. سنڌ ڪابينا گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو پرائيويٽ لميٽيڊ سان خانگي ڀائيواري جي پراجيڪٽ تي غور ڪيو. ڪابينا اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته گرين ڪارپوريٽ سنڌ ۾ ڪارپوريٽ ايگريڪلچر فارمنگ ڪرڻ چاهي ٿي، ڪارپوريٽ فارمنگ سان صوبي ۾ انويسٽمينٽ ايندي، گرين ڪارپوريٽ 6 ضلعن ۾ 52 هزار ايڪڙن تي ڪارپوريٽ فارمنگ جو پراجيڪٽ شروع ڪرڻ چاهي ٿي. سنڌ ڪابينا تجويز تي سب ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. سب ڪميٽي ۾ قانون، انڊسٽريز، ايگريشن، ايگريڪلچر ۽ ايڊوائيرز لائيو اسٽاڪ جا وزير شامل آهن. وزيراعليٰ جي ترجمان موجب، ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ سب ڪميٽي پنهنجون تجويزون ڏيندي. سنڌ ڪابينا اسٽيل ملز بحالي ۽ خالي زمين تي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هنن پاڪستان اسٽيل ملز کي خانگاهڻ کان بچايو آهي، اسٽيل ملز جا پلانٽ 700 ايڪڙن تي قائم آهن، پراڻي اسٽيل ملز کي بحالي ڪندا يا ان جي جاءِ تي نئون پلانٽ لڳائيندا، اسٽيل ملز جي خالي زمين تي چائنيز جي مدد سان ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون قائم ڪندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.5 ° C
28.5 °
28.5 °
16%
0.6m/s
0%
اڱارو
29 °
اربع
30 °
خميس
31 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
28 °

تازه ترين خبرون