تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد  ايڇ ڊي اي ۽ واسا ملازمن کي پينشنز ۽ پگھارون نه ملڻ خلاف ڪيس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ مڪاني کاتي جي سيڪريٽري تي ڪاوڙ جو اظھار ڪيو.

- Advertisement -
سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد  ايڇ ڊي اي ۽ واسا ملازمن کي پينشنز ۽ پگھارون نه ملڻ خلاف ڪيس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ مڪاني کاتي جي سيڪريٽري تي ڪاوڙ جو اظھار ڪيو. جسٽس ظفر راجپوت ۽ جسٽس امجد علي ٻوهيو تي ٻڌل ڊويزنل بينچ ٻڌڻي ڪئي. ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ مڪاني کاتي جو سيڪريٽري سيد خالد حيدر شاھ، ايم ڊي واسا، ڊي جي ايڇ ڊي اي ۽ لاڳاپيل عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ مڪاني کاتي جي سيڪريٽري تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو. عدالت سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته ملازمن جي پينشن ۽ پگھارن جو مسئلو ڪيئن حل ٿيندو، واسا ۽ ايڇ ڊي اي ڪھڙي کاتي ۾ آھن، لوڪل گورنمينٽ ۾ آھن يا نه.؟ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري عدالت کي آگاھي ڏني ته اھي ملازم لوڪل گورنمينٽ ۾ ئي آھن. عدالت مڪاني کاتي جي سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته اوھان پھريان ڪٿي ھئا، ملازم ٽن چئن سالن کان پينشن ۽ پگھارن لاءِ رلي رھيا آھن، اوھان کي عدالت طلب ڪيو، غير حاضر ڇو رھيا.؟. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته ملازمن جي پگھارن ۽ پيشن جو مسئلو ڪيئن حل ٿيندو. عدالت چيو ته کين پھريان رٽائرڊ ملازمن جي پينشن جو مسئلو حل ڪرڻو آھي. واسا جي وڪيل چيو ته وٽن ڪوارٽر ون آھي، اجازت ملي ته ملازمن کي ھڪ پگھار ڏئي سگھن ٿا. عدالت چيو ته اھو پھريان ئي واضح ڪري چڪا آھن ته بلڊرن طرفان ملندڙ ٽئڪس ۽ ڊولپمينٽ جا پئسا پگھارن تي استعمال ڪرڻ نه ڏيندا، اسڪيم جا ملندڙ پئسا پينشن يا پگھارن ۾ ڪيئن ٿا استعمال ڪن. عدالت چيو ته ايڇ ڊي اي جون ڪيتريون ئي اسڪيمون اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگھن آھن، جيڪو ڪم توھان کي ڪرڻو آھي اھو بلڊر پاڻ ٿا ڪرائين. ٻڌڻي دوران مڪاني کاتي جو سيڪريٽري عدالت کي مطمئن نه ڪري سگھيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
29 %
0.8kmh
100 %
جمعو
23 °
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون