- Advertisement -
سنڌ ۽ پنجاب سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ به ڪوهيڙي جو راڄ برقرار آهي، ڪوهيڙي سبب موٽر ويز کي مختلف هنڌن تان بند ڪيو ويو جڏهن ته اسلام آباد ايئرپورٽ تي اڏامن جو شيڊيو به متاثر ٿي ويو آهي.
موٽر وي پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪوهيڙي سبب موٽر وي ايم ون پشاور کان رشڪئي ۽ برهان کان اسلام آباد تائين هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند آهي.
ترجمان موجب، سوات ايڪسپريس وي ڪرنل شيل خان کان اسماعيله، موٽر وي ايم ٽو اسلام آباد کان بلڪسر ۽ ڪوٽ مومن کان اسلام آباد تائين به بند ڪيو ويو آهي.
موٽر وي پوليس ترجمان موجب، موٽر وي ايم 5 رحيم يار خان کان روهڙي تائين به هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند آهي.
ٻئي پاسي ڪوهيڙي سبب اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي اڏامن جو شيڊيول متاثر ٿي ويو آهي.- Advertisement -
