تازه ترين

سنڌ ۾ انٽر جا امتحان شروع ٿي ويا آهن

- Advertisement -
سنڌ ۾ انٽر جا امتحان شروع ٿي ويا آهن، ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، شهيد بينظير آباد، لاڙڪاڻو، سکر بورڊز تحت امتحان ورتو پيو وڃي. لاڙڪاڻي ۾ يارهين ڪلاس جو فزڪس جو پرچو سينٽرز تي پهچڻ کان اڳ آئوٽ ٿي واٽس ايپ گروپس ۾ پهچي ويو. لڳ ڀڳ سمورن سينٽرن تي امتحانن دوران ڪاپي جي ڌم متل رهي. موبائيل فون سينٽر ۾ کڻي وڃڻ تي پابندي باوجود اڪثر اميدوار موبائيل فون کڻي ويا جن فون ذريعي پيپر پنهنجي دوستن ۽ مٽن مائٽن ڏانهن واٽس ايپ ڪري پيپر ۾ لکيل سوالن جا جواب وصول ڪيا جڏهن ته ڪجهه سينٽرن تي استادن توڙي ماسترياڻين پاران به اميدوارن کي ڪاپي ڪرائي وئي. موري، نوان جتوئي ۽ خالد آباد ۾ قائم امتحاني سينٽرن ۾ به يارهين درجي جي پيپر دوران ڪاپي جي ڌم متل. دريا خان مري ۾ شهيد بينظير آباد بورڊ جي ٽيم امتحاني سينٽرن تي ڇاپا هڻي 50 کان وڌيڪ شاگردن کان موبائل فون هٿ ڪري ضبط ڪيون ويون. ٻي پاسي ڪنب ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ قائم امتحاني سينٽر ۾ يارهين درجي جي فزڪس جي پيپر دوران شاگردن پاران موبائيل فون، گائيڊن ۽ ٻي مواد ذريعي ڪاپي ڪندا رهيا. نصير آباد ۾ امتحاني سينٽر جي بجلي بند هجڻ سبب شاگرد اسڪول جي اڱڻ ۾ ويهي امتحان ڏنو. لوڊشيڊنگ سبب امتحاني سينٽرن ۾ شاگردن کي پيپر دوران پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. امتحانن دوران ڪاپي کي روڪڻ لاءِ  ويجيلينس ڪميٽيون جوڙيون ويون جن چيئرمين، ڪنٽرولر ۽ سيڪريٽري سان گڏجي مختلف ضلعن جي امتحاني مرڪزن تي اوچتا ڇاپا هنيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.6 ° C
24.6 °
24.6 °
10 %
4kmh
0 %
سُومر
24 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون