- Advertisement -
ڀارت ۾ جاري هيٽ ويوو سبب اليڪشن ڪميشن جي 33 اهلڪارن سميت 74 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ڀارتي ميڊيا موجب، ڀارتي رياستن بهار، اتر پرديش ۽ اوڙيسه ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب فوتگيون ٿيون.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڀارت جي راڄڌاني نئين دهلي ۾ هڪ شخص گرمي سبب 107 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌيڪ بخار سبب فوت ٿي ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب، هلندڙ هفتي نئين دهلي ۾ 52 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌيڪ گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته گرمي جي لهر برقرار رهڻ جو امڪان آهي.
ڀارتي اختيارين ماڻهن کي غير ضروري گهرن کان ٻاهر نه نڪرڻ، ڇانوَ واري هنڌن تي رهڻ ۽ پاڻي جي وڌيڪ استعمال جون هدايتون جاري ڪيون آهن.- Advertisement -
