تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ ڌرڻا

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

مغوين جي بازيابيءَ لاءِ سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي آهي، مختلف شهرن ۾ سياسي، سماجي، مذهبي ۽ قومپرست پارٽين طرفان مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

ڪنڌڪوٽ ۾ سول سوسائٽي ۽ بار ڪائونسل پاران ساگر ڪمار، پريا ڪماري ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ گولا موڙ وٽ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو آهي.

سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر عبدالغني بجاراڻي سميت سياسي سماجي اڳواڻ شريڪ آهن.

ايس ايس پي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ امجد شيخ ڌرڻي واري هنڌ پهچي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون، جڏهن ته اڳواڻن سمورن مغوين جي بازيابي تائين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ايس ايس پي امجد شيخ جي ڌرڻي واري هنڌ تان واپس وڃڻ بعد پوليس مظاهرين تي ڪڙپي ڪئي، لٺبازي سبب ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿي پيا، جڏهن ته مظاهرين جي جوابي لٺبازي بعد اهلڪارن ۾ ڀاڄ پئجي وئي.

اڳواڻن چيو ته پر امن احتجاج ڪندڙن مٿان پوليس لٺبازي شروع ڪري آنسو گئس ۽ واٽرڪينن جو استعمال ڪيو.

ڪنڌڪوٽ ۾ احتجاج ڪندڙ تي پوليس جي لٺبازي ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ تنگواڻي ۾ شٽر بند هڙتال ڪري شهرين شربت نندواڻي، ڪفايت الله کوسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

ميرپورخاص ۾ ايس يو پي طرفان محمد خان مري، لالا اظهر پٺاڻ، عبيد بنگلاڻي، واجد لغاري، نويد عباسي، عابد ڪوري ۽ ٻين اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پري ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو.

ڄامشوري ۾ عوامي تحريڪ جي سڏ تي سياسي، سماجي، مذهبي ۽ قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سنڌ ٽي وي نيوز جي آفيس کان ريلي ڪڍي وئي.

ريلي جي اڳواڻي مقصود جهتيال، مشتاق چانڊيي، شبير ٻنگ، سليمان ڀلائي ۽ ٻين ڪئي.

شڪارپور ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ سول سوسائٽي اڳواڻن لائبريري چوڪ تي مظاهرو ڪري مغوين جي بازيابي لاءِ نعريبازي ڪئي.

راڻيپور ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ وائيس آف راڻيپور، يونائيٽيڊ لائرس اينڊ سول سوسائٽي فورم طرفان ڊاڪٽر نذير کوکر، ايڊووڪيٽ شاهد ڄامڙي، سڪندر سرڪي ۽ ساجد مڱريي جي اڳاوڻي ۾ قومي شاهراهه تي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ورتي آهي.

جهڏي ۾ جسقم طرفان نياز کوسي، عباس کوسي، مدن لال، تارا چند، نعيم ڪلوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ميرپور خاص روڊ تي ڌرڻو هڻي مغين جي بازيابي لاءِ نعريبازي ڪئي وئي.

هڱورجا ۾ جسقم ڪارڪنن زبير سهتي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي مغوين جي بازيابي لاءِ نعريبازي ڪئي.

هالاڻي ۾ سياسي سماجي تنظيمن پاران الهه وڌائي سيال، ديوان امر سنڌو، نذير اوڏ، عاشق علي چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قاضي فيض محمد پارڪ مغوين جي بازيابي لاءِ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو.

کپري ۾ شهرين عبدالحق مري، پيسو مل ڪوهستاني، حافظ امجد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو.

ڪوٽ غلام محمد ۾ سول سوسائٽي، شاگرد سڀا، وڪيلن، صحافين ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مفتي آصف خاصخيلي، جمن سنڌو، ايڊووڪيٽ کيمچند لوهاڻا، علي حسن کوسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.

ڪڙيي گهنور ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي ڪارڪنن گيانچد، عابد چانڊيي، فراز شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو هڻي مغوين جي بازيابي لاءِ نعريبازي ڪئي.

ٺل ۾ قومي عوامي تحريڪ طرفان مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

گولاڙچي ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ ٻين سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن بلاول ڀٽو پارڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي مغوين جي بازيابي لاءِنعريبازي ڪئي وئي.

وڳڻ ۾ جسقم ڪارڪنن ڪامران پنهور، جي ايم وڳڻ، رکيل ٻرڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو.

ڪنڊياري ۾ جسقم طرفان هارون ڪلهوڙي، سهراب کوسي، زاهد ملاح، حبدار ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽار چوڪ تي ڌرڻو هڻي مغوين جي بازيابي لاءِ نعريبازي ڪئي.

ڊگهڙي ۾ سماجي اڳواڻ ڪاشف جوڻيجو طرفان مغوين جي بازيابي لاءِ ريلي ڪڍي وئي.

ريلي ۾ سياسي، سماجي، مذهبي ۽ قومپرست پارٽين جي اڳواڻن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ڀٽ شاهه ۾ جسقم ڪارڪنن عبدالرشيد ڏيٿي، سڪندر ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

راڄوخاناڻي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ هندو پنچائت ۽ سول سوسائٽي اڳواڻن ڊاڪٽر ونڳود ڪمار، بشم ڪمار آزاد، امين نظاماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ماتلي –تلهار روڊ تي ٽن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو.

ٽنڊي آدم ۾ ايس يو پي جي سڏ تي ڪامريڊ محمد خان پنهور، باغي مجاهد ٿهيم، گل حسن گل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ محمد چوڪ تي ڌرڻو هڻي مغوين جي بازيابي لاءِ نعريبازي ڪئي وئي.

سٺ ميل ۾ جسقم ڪارڪنن ضلعي آرگنائيزر شعبان ماٽي، سيد عارف شاهه، تعلقي صدر محبوب خاصخيلي، سٽي صدر رحيم سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

شاهپور چاڪر ۾ جسقم ڪارڪنن ظفر ٻگهئي، نديم آرائين، سيف سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

نصير آباد ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران حفيظ تنيو، علي گوهر جتوئي، اسد سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مغوين جي بازيابي ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ احتجاج ڪندڙن تي پوليس جي لٺبازي خلاف مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪري سمورن مغوين بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ سندن احتجاج جاري رهندو.

اڳواڻن ڪنڌڪوٽ ۾ احتجاج ڪندڙ تي پوليس جي لٺبازي جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته ملوث اهلڪارن کي معطل ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو وڃي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
20.3 ° C
20.3 °
20.3 °
28 %
2kmh
21 %
آچر
31 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
29 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون