پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي خلاف جي ڊي اي، جي يو آءِ، ايم ڪيو ايم ۽ نواز ليگ جو اتحاد ٿي سگهي ٿو.
ڪنب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو هاڻي هن ملڪ ۾ ڪو مستقبل نظر نه ٿو اچي، نگران حڪومت چئن مهينن لاءِ آهي.
هن چيو ته مهانگائي عالمي معاملو آهي، عوام جو مٿن ڀروسو آهي، هو کلندي کلندي چونڊون کٽي ويندا. منظور وساڻ جو چوڻ هو ته احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي، پر احتساب جي نالي تي انتقام وٺڻ سٺو عمل نه آهي.
