- Advertisement -
سياحت ۽ ثقافت کاتي پاران سنڌ ۾ گلوڪاري ۽ اداڪاري جو ٽيلنٽ سامهون آڻڻ لاءِ هر ڊويزن ۾ آڊيشن وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
سياحت، ثقافت ۽ آرڪائيوز واري صوبائي وزير ذوالفقار شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ گلوڪاري ۽ اداڪاري جو شوق رکندڙن کان آڊيشن وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس کي خطاب ڪندي صوبائي وزير ذوالفقار شاهه جو چوڻ آهي ته عيد کانپوءِ هر ڊويزن ۾ گلوڪارن ۽ اداڪارن کان آڊيشن ورتا ويندا.
هن چيو ته مشهور گلوڪار ۽ اداڪار سٺي ٽيلنٽ جو فيصلو ڪندا.
صوبائي وزير چيو ته گلوڪاري ۽ اداڪاري جو شوق رکندڙ پنهنجي ڊويزن ۾ آڊيشن ڏيڻ لاءِ پهچن.
هن چيو ته ، پهرين مرحلي ۾ گلوڪارن ۽ ٻئي مرحلي ۾ اداڪارن لاءِ آڊيشن ڪيا ويندا.
صوبائي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ موجود ٽئلينٽ کي پليٽ فارم فراهم ڪري اڳتي آڻيندا….- Advertisement -
