سياحت کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ ڪراچي کان ٿر تائين خاص ٿر سفاري ريل شروع

- Advertisement -
سنڌ حڪومت ٿر ڊزرٽ ٽرين سفاري شروع ڪري ڇڏي ۽  پهرين ٽرين ڪينٽ اسٽيشن کان ٿرپارڪر لاءِ رواني ٿي وئي آهي. صوبائي وزير ذوالفقار شاهه ٿر ڊيزرٽ  ٽرين جو افتتاح  ڪري ڇڏيو. ٽرين حيدرآباد، ميرپورخاص، ڇور کان ٿيندي پرچي جي ويري تائين پهچندي. ثقافت واري صوبائي وزير ذوالفقار شاهه جو چوڻ آهي ته ٻن بوگين تي ٻڌل ڊيزرٽ سفاري ٽرين هر هفتي ڪراچي مان صبح نائين وڳي رواني ٿيندي ۽ سياح منجهند جو لوڪ داستانن جي ڌرتي ٿر پهچندا. ٿر ڊيزرٽ سفاري ٽرين جا مسافر رات جو پرچي جي ويري ريزورٽ ۾ ترسندا جتي سياحن جي دلچسپي لاءِ  ثقافتي پروگرام ۽ سج لٿي جا منظر ڌيان جو مرڪز هوندا. ثقافت کاتي آڇ ڪئي آهي ته پنجاب ۽ سنڌ جي ٿر واري علائقي وچ ۾ سياحتي ٽرين هلائي سگهجي ٿي جنهن سان سياحت ۽ ثقافت کي هٿي ملندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.8 ° C
17.8 °
17.8 °
45%
2.8m/s
0%
اربع
27 °
خميس
28 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون