تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سينئر صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي ۾ قلم ڌڻين طرفان  احتجاجي مظاهرو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سينئر صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي ۾ قلم ڌڻين طرفان  احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جڏهن ته نگران گهرو وزير قاتلن جي گرفتاري لاءِ ٻن هفتن جي مهلت گهرندي  ڪيس جي جاچ سي ٽي ڊي کان ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

جان محمد مهر جي خون سان انصاف ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافين ڪراچي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي پڻ ڪئي وئي.

اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته فوري طور جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏئي سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي.

نگران گهرو وزير حارث نواز ڌرڻي واري هنڌ پهچي قلم ڌڻين سان ڳالهيون ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٻن هفتن جي مهلت گهري ۽  ڪيس جي جاچ سي ٽي ڊي کان ڪرائڻ جو اعلان ڪيو.

 نگران گهرو وزير حارث نواز خطاب ڪندي چيو ته جان محمد مهر قتل ڪيس ۾ هاڻي صحافين جي مطالبن تي عمل ٿيندي نظر ايندو ۽ هر پليٽ فارم تي قلم ڌڻين جو ساٿ ڏنو ويندو.

هن چيو ته قاتل ڀلي ڪيترو نه بااثر هجي، کيس بخش نه ڪيو ويندو،  ڪنهن به صحافي سان زيادتي ٿي ته ايڪشن ٿيندي نظر ايندو.

سندس چوڻ هو ته واقعي جي جاچ ٿيندي ته سڀ واضح ٿيندو ته ڪير ملوث آهي،  مقتول جي وارثن کي هڪ ڪروڙ رپيا به ڏنا ويا آهن.

نگران گهرو وزير حارث نواز چيو ته ڪچي ۾ ڌاڙين خلاف جلد رينجرز ذريعي ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن چيو ته هتي منشيات سميت ڪيترائي مسئلا آهن،  جيڪب آباد، ڪشمور ۽ سکر جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪيو ويندو، جلد سڀني کي تبديلي نظر ايندي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
6 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
27 %
4.2kmh
0 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون