- Advertisement -
سينيئر صحافي ۽ ليکڪ ذلف پيرزادو هميشه لاءِ وڇڙي ويو، سندس آخري رسمون ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ ادا ڪيون وينديون، سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر، ذلف پيرزادي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي سندس بلند درجن لاءِ دعا ڪئي.
سنڌي صحافت کي ڪيترائي ڏهاڪا ارپيندڙ سينيئر صحافي ۽ ليکڪ ذلف پيرزادو لاڏاڻو ڪري ويو.
ذلف پيرزادو رات صحافتي خدمتون سرانجام ڏئي گهر پهتو ته کيس دل جي تڪليف ٿي جنهن کي جناح اسپتال نيو ويو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو.
ذلف پيرزادي جو مڙهه ايمبولينس ذريعي اباڻي ڳوٺ ٻلهڙيجي روانو ڪيو ويو.
ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ جنازي نماز بعد ذلف پيرزادي کي اباڻي قبرستان سخي جمال شاهه ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو.
ذلف پيرزادي ڪيترن ئي صحافتي ادارن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون، هو سينيئر ٽهي ۾ شامل هو.
لٽل ماسڪو سڏائيندڙ عظيم تهذيب موهن جي دڙي ويجهو ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ جنم وٺندڙ ذلف پيرزادي ڪيترائي ڀيرا جيل به ڀوڳيو.
ذلف پيرزادو آخري ڀيرو جيل مان نڪرڻ بعد ڳوٺ کان ڪراچي اچي ويو ۽ صحافت سان جڙي ويو.
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر، سينيئر صحافي ذلف پيرزادي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
نگران وڏي وزير جو چوڻ آهي ته ذلف پيرزادو هڪ بهترين صحافي ۽ ترقي پسند شخصيت جو مالڪ هو.
جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر، ذلف پيرزادي جي بلند درجن ۽ وارثن جي صبر لاءِ دعا ڪئي.- Advertisement -
