- Advertisement -
اسرائيل، انصاف واري عالمي عدالت جي فيصلي جا بکيا اڍيڙي ڇڏيا، يهودي فوج گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 174 فلسطينين کي شهيد ۽ 310 کي زخمي ڪري ڇڏيو.
فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ شهيدن جو مجموعي انگ 26 هزار 257 ٿي ويو جڏهن ته 64 هزار 797 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج هڪ ڀيرو ٻيهر رهائشي عمارتن تي بمباري ڪري رهي آهي ان سان گڏ خان يونس جي النصر اسپتال ۽ رفاع جي ڀرپاسي ۾ بمباري ڪئي پئي وڃي.
هوڏانهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس اربع تي طلب اربع تي طلب ڪيو ويو آهي.
غزه جي صورتحال تي عرب ليگ جو اجلاس به اڄ ٿيندو جنهن ۾ غزه جي صورتحال ۽ عالمي عدالت جي فيصلي کانپوءِ جي صورتحال تي غور ڪيو ويندو……- Advertisement -
