تازه ترين

سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ طرفان سڀاڻي کان ڊبل ڊيڪر بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان

- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ طرفان سڀاڻي کان ڊبل ڊيڪر بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي ۾ اورينج لائن کي گرين لائن سان ڳنڍڻ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته دشمن ملڪ پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پابندي مڙهيل تنظيمون دهشتگردي لاءِ ٻارڙن کي استعمال ڪري رهيون آهن. سينيئر وزير چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن نينگري کي بازياب ڪرائي ڪامياب ڪارروائي ڪئي. شرجيل ميمڻ چيو ته عوام کي معياري سفري سهولت فراهم ڪرڻ سنڌ سرڪار جي پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته هاڻي گرين لائن منصوبي ۾ روزاني هڪ لک ماڻهو سفر ڪري سگهندا. سندس چوڻ هو ته روزاني شهري گرين لائن منصوبي مان فائدو حاصل ڪندا آهن، ڀاڙو به تمام گهٽ رکيو ويو آهي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته گرين لائن ۽ اورينج لائن ۾ به عورتن لاءِ الڳ بسون شروع ڪيون وينديون. هن چيو ته سڀاڻي ڊبل ڊيڪر بس شروع ڪري شهرين کي نئين سال جو تحفو ڏنو ويندو، نيون اي وي بسون به جلد پهچي وينديون. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي لاءِ 150 بسون ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، کيس پنهنجو واعدو پورو ڪرڻ گهرجي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪنهن کي به شهر جي زمينن تي قبضو ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
6 %
5.9kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
36 °

تازه ترين خبرون