- Advertisement -
ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ميرپورخاص ۾ پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران 19 اپريل کان پنڪ بس سروس جا ٻه نوان روٽ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيوويو.
شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته پنڪ بس سروس لاءِ نون روٽن جو افتتاح 19 اپريل تي ٿيندو، 10 نيون بسون سروس ۾ شامل ڪيون وينديون.
صوبائي وزير چيو ته 20 اپريل کان ميرپورخاص ۾ پيپلز بس سروس شروع ڪئي ويندي، ڪيش ليس آٽوميٽيڊ فيئر ڪليڪشن سمارٽ ڪارڊ 25 اپريل کان لانچ ڪيو ويندو.
شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ سستي ۽ معياري بس سروس جي فراهمي پ پ قيادت توڙي سنڌ حڪومت جو ويزن آهي، روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ اقتصادي سرگرمين کي به هٿي ملندي.
صوبائي وزير چيو ته سنڌ ۾ پيپلز بس سروس جي شروعات سان عوام کي انقلابي رليف ملندو.- Advertisement -
