- Advertisement -
سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته ڏوهن جو جلد خاتمو ترجيحن ۾ شامل آهي، ڪچي ۾ پوليس ڌاڙيلن خلاف هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.
ضياءَ الحسن لنجار سان واپاري برادري 7 سول سوسائٽي جي نمائندن ملاقات ڪئي.
واپاري برادريءَ امن امان بابت قدمن تي ايس ايس پي ڪشمور جي تعريف ڪئي.
ان موقعي تي گهرو وزير جو چوڻ هوته ڀنگ عيوض اغوا ۽ هني ٽريپ جي خاتمي تي ڪم ڪيو پيو وڃي، آءِ جي سنڌ سان گڏجي ڏوهن تي ضابطو آندو پيو وڃي.
هن چيو ته امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن.
ضياءَ الحسن لنجار چيو ته سنڌ حڪومت پوليس کي مڪمل سپورٽ ۽ مدد فراهم ڪري رهي آهي، جلد ڏوهن جو خاتمو ڪيو ويندو………- Advertisement -
