سينيٽ جي خالي پيل 6 سيٽن تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ عمل جاري آهي

- Advertisement -
سينيٽ جي خالي پيل 6 سيٽن تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ عمل جاري آهي. بلوچستان جي 3، سنڌ جي 2 ۽ اسلام آباد جي هڪ سيٽ لاءِ ووٽنگ جو عمل بنا ڪنهن وقفي جي شام چئين وڳي تائين جاري رهندو. ووٽنگ جو عمل قومي، سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبليءَ ۾ جاري آهي. سينيٽ جي خالي پيل سيٽن تي چونڊن لاءِ پهريون ووٽ جي يو آءِ جي عبدالغفور حيدري ڪاسٽ ڪيو. اسلام آباد جي سيٽ تي پ پ جي اميدوار يوسف رضا گيلاني ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار چوڌري الياس مهربان ۾ وچ ۾ مقابلو جاري آهي. سنڌ جي ٻن سيٽن تي پ پ جو ڄام سيف الله ڌاريجو ۽ محمد اسلم ابڙو اميدوار آهن، جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل جا اميدوار نذير الله ۽ شازيه سهيل ميدان ۾ لٿل آهن. بلوچستان جي سينيٽ جي ٽن سيٽن تي 7 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23 ° C
23 °
23 °
25%
4.1m/s
0%
ڇنڇر
22 °
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون