- Advertisement -
سينيٽ ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن جي انگ ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو ويو، جنهن کي لاڳاپيل ڪميٽيءَ ڏانهن اماڻيو ويو آهي.
سينيٽ اجلاس دوران سينيٽر عبدالقادر ججن جي انگ ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته چيف جسٽس کانسواءِ ججن جو انگ 20 ڪيو وڃي.
پي ٽي آءِ طرفان سينيٽر عبدالقادر جي پيش ڪيل بل جي مخالفت ڪئي وئي.
سينيٽر عبدالقادر جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ۾ 53 هزار کان وڌيڪ ڪيس التوا هيٺ آهن، سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس اچڻ تائين 2 سال لڳي ويندا آهن، سندس خيال ۾ ته سورهن جج وڌڻ گهرجن.
هن چيو ته اربين رپين جا ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ڦاٿل آهن، سپريم ڪورٽ ۾ آئيني معاملا گهڻا پيااچن،ملڪ جو عدليا وارو نظام هيٺان کان ٽاپ تي آهي.
قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته اهي ڳالهيون حقيقت آهن، موت جي سزا جا ڪيس التوا هيٺ آهن، عمر جي سزا 25 سال کان وڌيڪ ناهي، هڪ شخص اپيل التوا هيٺ هجڻ سبب 34 سال جيل ۾ گذاريا، 2015ع کان موت جي سزا جون اپيلون التوا هيٺ آهن.
پي ٽي آءِ سينيٽر علي ظفر جو چوڻ هو ته اهو قانون اوچتو آيو آهي، جڊيشل مارشل لا جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ان ڪري ست جج وڌائڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، هو ٻه جج وڌائڻ لاءِ تيار آهن، ججن جو انگ وڌائڻو ئي آهي ته ماتحت عدالتن ۾ وڌايا وڃن.
سينيٽر سيف الله ابڙي چيو ته مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ملڻ واري فيصلي کانپوءِ جج وڌائڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي.
سينيٽ چيئرمين بل لاڳاپيل ڪميٽيءَ ڏانهن اماڻي ڇڏي- Advertisement -
