سينيٽ ۾ هڪ دفعو ٻيهر عام چونڊن دوران مبينا ڌانڌليءَ جو پڙاڏو، تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي جي اليڪشن ڪميشن تي ڇتي تنقيد

- Advertisement -
سينيٽ اجلاس ۾ تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي پاران  اليڪشن ڪميشن تي ڇتي تنقيد ڪئي وئي، جماعت اسلامي جي  سينيٽر مشتاق احمد، چيف اليڪشن ڪمشنر کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق چيو ته اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهي آهي، چيف الڪيشن ڪمشنر ناڪامي تي استعيفيٰ ڏئي، جعلي چونڊن جي نتيجي ۾ جعلي حڪومت ٺهندي. سندس چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن غداري جو مرتڪب ٿي، ڪميشن عوام کان معافي طلب ڪري، جعلي چونڊون ڪرائي قوم جو پئسو ضايع ڪيو ويو. مشتاق احمد چيو ته هڪ شخص کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ چيو ويو ته اسان جي ڳالهه ٿي وئي آهي، ساڳئي شخص کي ملڪ تي مڙهڻ لاءِ هر ڪوشش ڪئي وئي. پي ٽي آءِ جي سينيٽر وليد اقبال جو چوڻ آهي ته عام چونڊن دوران موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند  ڪئي وئي، عالمي ادارن به چونڊن کي تڪراري قرار ڏنو آهي. ن ليگ جي سينيٽر عرفان صديقي جو چوڻ آهي ته اڪثريت جو فيصلو قبول نه ڪرڻ سبب ملڪ ٻه اڌ ٿي چڪو آهي. هن چيو ته ڌانڌلي ٿي ته سڄي ملڪ ۾ ٿي آهي، ڇا ڪي پي ۾ امام ڪعبا يا وري ڪنهن  ٻئي اليڪشن ڪرائي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
14.6 ° C
14.6 °
14.6 °
30%
2m/s
29%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
21 °
آچر
23 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون