سيوهڻ ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب هڪ ڀاءُ فوت ۽ هڪ زخمي

spot_img
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن ۾ ٻه ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. سيوهڻ ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب هڪ ڀاءُ فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. ڳوٺ ڳاڙهي واري وٽ انڊس هاءِ وي تي حادثي ۾ بلاول ملاح فوت ۽ سندس ڀاءُ فهيم ملاح زخمي ٿي پيو. اطلاع تي ڳوٺاڻن پهچي ڪار ڊرائيور کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس نوجوان جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. نوجوان جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو. ٿاڻي بولا خان ويجهو ماهي جب لنڪ روڊ تي موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب پيرس ڪريم بخش عرف ڪرو خاصخيلي فوت ٿي ويو. اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي پيرسن جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
10.9 ° C
10.9 °
10.9 °
26%
0.8m/s
37%
اڱارو
11 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون