- Advertisement -
سيوهڻ پوليس ڪڪڙن جي ميل تي ڇاپي دوران ٻن جوابدارن سميت تحويل ۾ ورتل ٻن ڪڪڙن کي به لاڪپ ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪڪڙن جي ميل تي ڇاپي دوران ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو ۽ ڪارروائي دوران ٻه ڪڪڙ به تحويل ۾ ورتا ويا هئا.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪڪڙ عدالت جي پراپرٽي آهن، جن کي هر حاضري تي عدالت ۾ کڻي ويندا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته عدالت گرفتار ڪيل ٻنهي جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪڪڙن بابت ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ويو…….- Advertisement -
