تازه ترين

نواز شريف جي سياست ڇڏڻ جون ڳالهيون بي بنياد آهن: مريم نواز

- Advertisement -
مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيرز مريم نواز، نواز شريف جي سياست ڇڏڻ جي ترديد ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته نواز شريف جي سياست ڇڏڻ جون ڳالهيون بي بنياد آهن، وزيراعظم جو عهدو قبول نه ڪرڻ جو مطلب سياست ڇڏڻ ناهي، نواز شريف پنهنجي تقريرن ۾ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڪنهن گڏيل حڪومت جو حصو نه ٿيندو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته وزيراعظم جو عهدو قبول نه ڪرڻ جو مطلب جيڪڏهن اهو ڪڍيو پيو وڃي ته نواز شريف سياست کان پاسيرو ٿي رهيو آهي ته ان ۾ ڪابه سچائي ناهي. سندس چوڻ هو ته هو ايندڙ پنج سال نه رڳو ڀرپور سياست ڪندو پر وفاق ۽ پنجاب ۾ پنهنجي حڪومتن جي سرپرستي ڪندو. مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيرز مريم نواز چيو ته نواز شريف جي ٽنهي حڪومتن ۾ عوام واضح اڪثريت ڏني هئي ۽ اها ڳالهه هو چونڊ تقريرن ۾ واضح ڪري چڪو آهي ته هو اتحادي حڪومت جو حصو نه بڻجندو. هن چيو ته جيڪي ماڻهو نواز شريف جي مزاج کان واقف آهن کين نواز شريف جي اصولي موقف جي خبر آهي. مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيرز مريم نواز چيو ته شهباز شريف ۽ هوءَ سندس سپاهي آهن، سندس حڪم جا پابند آهن، نواز شريف جي سربراهيءَ ۽ نگراني ۾ ڪم ڪندا
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
44 %
3.8kmh
0 %
اربع
33 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
35 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون