- Advertisement -
سيٺارجا ويجهو نوجوان نانگ جي ڪکڻ سبب فوت ٿي ويو آهي.
رات دير سان ڳوٺ گل محمد لنڊ جي رهواسي 28 ورهين جي راهب علي لنڊ کي نانگ ڪکي ويو.
نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زندگي جي جنگ هارائي ويو.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
نوجوان غير شادي شده هو، سندس لاش پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.- Advertisement -
