- Advertisement -
سپريم جڊيشل ڪائونسل، ججن خلاف 46 شڪايتون اڪلائيندي پنجن شڪايتن تي ججن کان وضاحت طلب ڪري ورتي آهي.
سپريم ڪورٽ سئو ڏينهن جي عدالتي سڌارن ۽ قدمن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن موجب 26 آڪٽوبر 2024ع کان 6 فيبروري 2025ع تائين چيف جسٽس يحيٰ آفريديءَ جي قيادت ۾ عدليا نمايان سڌارا ڪيا.
چيف جسٽس عدالتي سڌارن ۾ اسٽيڪ هولڊرن جي شموليت لاءِ آن لائن فيڊ بيڪ فارم سپريم ڪورٽ جي سرڪاري ويب سائٽ تي فراهم ڪيو.
پڌرنامي ۾ ٻڌايو ويو ته ان قدم جو مقصد انصاف جو نظام بهتر بڻائڻ لاءِ راءِ ۽ تجويزون حاصل ڪرڻ آهي، گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارن حدفن تحت عدالتي عمل کي وڌيڪ منظم ڪيو پيو وڃي، انهن سڌارن تحت هڪ اهم اڳڀرائي ايِ قسم ناما ۽ فوري طور تصديق ٿيل ڪاپين جي فراهمي آهي، جنهن سان قانوني ڪاررواين ۾ دير گهٽ ٿي.
سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئشن سان صلاح مشوري بعد ڪيس جي ترت ٻڌڻيءَ لاءِ اصول تيار ڪيا ويا آهن، عدليا ٽيڪس بابت ڪيس جلد ٻڌڻ لاءِ انهن جي درجه بنديءَ جو نظام متعارف ڪرايو آهي.
پڌرنامي موجب گذريل سئو ڏينهن ۾ سپريم ڪورٽ 4 هزار 963 نوان ڪيس آيا، سئو ڏينهن ۾ 8 هزار 174 ڪيس اڪلايا جيڪي عدالتي عمل ۾ بهتري ۽ ڪيس جي اڪلاءَ ۾ تيزي ظاهر ڪري ٿو.
سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان صلاح مشوري بعد جڊيشل ڪميشن جا ضابطا تيار ڪيا ويا آهن، اعليٰ عدليا ۾ ججن جي مقرريءَ جي عمل کي وڌيڪ منظم ۽ اڻ ڌريو بڻائڻ لاءِ هڪ مخصوص سيڪريٽريٽ قائم ڪيو ويو آهي.
جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته جڊيشل ڪميشن جي سيڪريٽري جي مقرريءَ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، پنجن کي اعليٰ عدالتن ۾ 36 اضافي ججن جي مقرري ۽ سپريم ڪورٽ توڙي سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هائيڪورٽ ۾ آئيني بئنچن جي جوڙجڪ مڪمل ڪئي وئي آهي.
جاري ڪيل پڌرنامي موجب مستقل سيڪريٽري جڊيشل ڪائونسل جي مقرريءَ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، جڊيشل ڪائونسل هڪ شڪايت تي شڪايت ڪندڙن کان وڌيڪ ڄاڻ گهري وئي.
سپريم ڪورٽ جي پڌرنامي موجب ضلعي عدليا جي صلاحيت ۾ اضافي لاءِ پرڏيهي تربيتي پروگرام متعارف ڪرايا ويا آهن.- Advertisement -
