- Advertisement -
سپريم ڪورٽ اسلام آباد هائيڪورٽ جي ججن جي خط تي پاڻمرادو نوٽيس وٺندي پرنسپل سيٽ اسلام آباد تي موجود سمورن ججن تي ٻڌل بئنچ جوڙي ورتي آهي.
سپريم ڪورٽ اسلام آباد هائيڪورٽ جي ججن جي خط تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو، جنهن لاءِ ست رڪني بئنچ قائم ڪئي وئي آهي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ بئنچ جي سربراهي ڪندو، ٻين ججن ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس اطهر من الله، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس نعيم اختر افغان شامل آهن.
سپريم ڪورٽ اسلام آباد هائيڪورٽ جي ججن جي خط واري معاملي تي ٻڌڻي اربع ڏينهن ڪندي.
اسلام آباد هائيڪورٽ جي ڇهن ججن ڪجهه ڏينهن سپريم جڊيشل ڪائونسل کي خط لکي عدالتي معاملن ۾ مداخلت جو معاملو اٿاريو هو- Advertisement -
