- Advertisement -
سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي سالياني چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي جيڪو بنا ڪنهن وقفي جي شام پنجين وڳي تائين جاري رهندو.
سالياني چونڊن لاءِ ووٽنگ جو عمل صبح ساڍي اٺين وڳي شروع ٿيو جيڪو شام پنجين ورهين تائين جاري رهندو، سپريم ڪورٽ بار جي اليڪشن ۾ 4 هزار 21 ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ هڪ هزار 414 ووٽرن جو تعلق لاهور سان آهي.
چونڊ لاءِ سڄي ملڪ جي هائيڪورٽن ۽ سرڪٽ بينچن ۾ پولنگ عمل جاري آهي.
صدارتي سيٽ تي عاصمه جهانگير گروپ جي ميان محمد رئوف عطا ۽ حامد خان گروپ جي منير احمد ڪاڪڙ ۾ سخت مقابلو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته جنرل سيڪريٽري جي سيٽ تي سلمان منصور ۽ ملڪ زاهد اسلم وچ ۾ دنگل ٿي رهيو آهي.
سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي مرڪزي ڪابينا کانسواءِ چئني صوبن جي نائب صدرن جي سيٽن لاءِ مقابلو ٿي رهيو آهي، ايگزيڪيوٽو ميمبر به چئني صوبن مان چونڊيا ويندا .
سنڌ جي نائب صدر جي سيٽ لاءِ ٽي اميدوار ملڪ خوشحال خان اعواڻ، محمد نديم قريشي ۽ يوسف مولوي ميدان ۾ آهن.
ايڊيشنل سيڪريٽري جي سيٽ لاءِ محمد اورنگزيب خان ۽ محمد زبير حسين، ميمبر ايگزيڪيوٽو سنڌ جي سيٽ لاءِ 4 اميدوار عامر جميل ورڪ ، احمد علي ديوان، نويد الحق ۽ رضوانه جميل ميدان ۾ آهن.
ڪراچي، حيدر آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن سان تعلق رکندڙ 683 وڪيل پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن.- Advertisement -
