تازه ترين

سپريم ڪورٽ جو سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه ترميمي آرڊيننس تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جو سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه ترميمي آرڊيننس تي خدشن جو اظهار ڪندي ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ بنا شرڪت هليو ويو، جسٽس منظور  اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جا سبب خط ذريعي ڪميٽيءَ کي ٻڌايا آهن. سپريم ڪروٽ ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تحت ججن واري ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، ذريعن موجب جسٽس منصور علي شاهه ججن واري ڪميٽيءَ ۾ شرڪت کانسواءِ ئي هليو ويو. هوڏانهن سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه ججن واري ڪميٽيءَ کي خط لکي ڪميٽيءَ ۾ شموليت کان انڪار جا سبب ٻڌائي ڇڏيا آهن. جسٽس منظور علي شاهه لکيل خط ۾ چيو ته هن سپريم ڪورٽ جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ترميمي آرڊيننس تحت قائم ڪيل ڪميٽيءَ ۾ شموليت کان انڪار ڪيو. هن چيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ٺاهڻ جو فيصلو فل ڪورٽ جو هو، ان ۾ تبديلي يا ته فل ڪورٽ بئنج يا فل ڪورٽ اجلاس ذريعي ئي ممڪن آهي. جسٽس منصور علي شاهه خط ۾ چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ طرفان اڳ واري ڪميٽي بحال ڪرڻ تائين هو اجلاس ۾ شرڪت نٿو ڪري سگهي. خط ۾ جسٽس منصور علي شاهه چيو ته تڪڙ ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس آندو ويو، سندس خط کي اجلاس جي منٽس جو حصو  بڻايو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
30.1 ° C
30.1 °
30.1 °
33 %
2.9kmh
39 %
جمعو
29 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون