تازه ترين

سپريم ڪورٽ جو فيصلو ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ : مريم نواز

- Advertisement -
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ججن آئين ٻيهر لکيو آهي، مخصوص سيٽن بابت اهڙو فيصلو ڏنو ويو جيڪو گهريو ئي نه ويو آهي، هڪ شخص پنهنجي چئن سالن جي حڪومت ۾ ملڪ تباهه ڪيو، ڪجهه ماڻهن جو ٽولو اهڙا فيصلا ڪندو آهي جنهن سان ملڪي ترقي بيهي ويندي آهي. لاهور ۾ ماڊل بازار اپگريڊيشن تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ماڊل بازارن کي تمام سٺي طريقي سان هلايو پيو وڃي، عوام ماڊل بازارن ۾ موجود سهولتن جي ساراهه ڪئي، جلد پنجاب جي سمورن شهرن ۾ ماڊل بازار قائم ڪندا، ماڊل بازارن ۾ شيون مناسب اگهن تي ملن پيون. سندس چوڻ هو ته گذريل چئن، پنجن سالن ۾ معيشيت جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو، پي ٽي آءِ حڪومت جي فيصلن سبب عوام کي مهانگائي کي منهن ڏيڻو پيو. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته معاشي صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف کي سخت فيصلا ڪرڻا پيا، ملڪ جو سڀ کان وڏو سولر منصوبو پنجاب حڪومت آڻي رهي آهي، وڌندڙ مهانگائي کي بهتر قدمن سان ڪنٽرول ڪيو آهي، سندس ڪوشش آهي ته ضرورت جي شين جا اگهه نه وڌن. هن چيو ته 200 کان 500 يونٽ تائين گهريلو واهپيدارن کي سولر سسٽم فراهم ڪندا، جڏهن ملڪ مستحڪم ٿيڻ لڳندو آهي ته ڪنهن نه ڪنهن کي تڪليف ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ 82 هزار جي نفسياتي حد تائين پهچي چڪي آهي. پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته  ڪجهه فيصلا ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ جو بنياد بڻجندا آهن، پي ٽي آءِ جي چئن سالن جي حڪومت ۾ ملڪي معيشيت تباهه ڪئي وئي، نواز شريف پنهنجي حڪومتي دور ۾ آءِ ايم ايف کي الوداع ڪري ڇڏيو هو، اڊيالا جيل ۾ ويٺل شخص آءِ ايم ايف کي ٻيهر دعوت ڏني. مريم نواز چيو ته ملڪ ۾ فلور ڪراسنگ جو قانون موجود آهي، قوم جي ڏوهاري کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، تحريڪ انصاف جيڪو گهريو ئي نه هو اهو کيس ڏنو ويو. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته آئين ۾ ترميم رڳو پارليامينٽ جو اختيار آهي، ڪنهن هاڻي آئين سان هٿ چراند ڪئي ته سختي سان منهن ڏنو ويندو، ڪي پي ۾ گذريل 11 سالن ۾ هڪ به نئون روڊ ناهي ٺهيو، سڀني کي اپيل آهي ته ملڪ کي هلڻ ڏنو وڃي، حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
4 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
scattered clouds
24.5 ° C
24.5 °
24.5 °
56 %
6.3kmh
31 %
خميس
24 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون