سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ جسٽس منصور علي شاهه جا تيرهن ۽ سورهن جنوري وارا فيصلا واپس وٺي ڇڏيا

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ جسٽس منصور علي شاهه جا تيرهن ۽ سورهن جنوري وارا فيصلا واپس وٺي ڇڏيا. سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ جسٽس امين الدين جي سربراهيءَ ۾ ڪسٽم ريگيوليٽر ڊيوٽي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي،  جنهن دوران لاڳاپيل عملدار ۽ وڪيل پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران جسٽس امين الدين چيو ته تيرهن جنوري تي آرڊر ڏنو ته ٻڌڻي 27 جنوري تي ٿيندي، پوءِ اوچتو ٻڌڻي ٻئي ڏينهن تي ڪيئن مقرر ٿي؟ جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ٽه رڪني بئنچ مان هڪ جج ڌار ٿيو ته ڇا اهو جج آرڊر ڏئي سگهي پيو ته ڪيس مخصوص بئنچ آڏو لڳندو؟ جسٽس حسن اظهر چيو ته ڇا بئنچ ٻيهر قائم ڪرڻ جو اختيار ان جج وٽ هو؟ جسٽس نعيم اختر افغان، وڪلي بئريسٽر صلاح الدين  چيو ته کين لڳي وٿ ته سموري تڪرار جا ذميوار اوهان آهيو، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته عدالتي حڪم نامي موجب اوهان جو اصرار هو ته ريگيولر بئنچ ڪيس ٻڌي سگهي ٿي. جسٽس جمال مندوخيل، بئريسٽر صلاح الدين کان سوال ڪيو ته  ڇا  اوهان کي اسان تي اعتماد ناهي؟ نئون نظام ڪنهن کي پسند ناهي ته اها ڌار ڳالهه آهي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته سورهن جنوري جي حڪم نامي ۾ چيو ويو ته ڪيس کي ٻــُـڌل سمجهو وڃي، اهو اصطلاح ڪٿان آيو؟ سمجهه ۾ نه پيو اچي ته اٽارني جنرل کي رول 27 ايَ جو نوٽيس ڏيڻ کانسواءِ  ڪيس ڪيئن ٻــُـڌل سمجهو وڃي؟ اٽارني جنرل چيو ته وٽن 13 جنوري جا ٻه حڪمناما موجود آهن، پهريون ۾ چيو ويو ته ڪيس جي ٻڌڻي 27 جنوري تي ٿيندي، ٻئي حڪم نامي ۾ چيو يوو ته ڪيس سورهن تاريخ تي ٻڌو ويندو. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته غير قانوني طريقي سان ڪم نه ڪريو، ڇا هنن ريگيولر بئنچ کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو؟ جسٽس نعيم افغان چيو ته فيصلي ۾ چيو يو وته ڪيس هن بئنچ ۾ ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪيو وڃي، فيصلي ۾ ته ججن جا نالا به لکيا ويا. ٻڌڻي بعد آئيني بئنچ جسٽس منصور علي شاهه جا 13 ۽ 16 جنوري وارا فيصلا واپس وٺي ڇڏيا. آئيني بئنچ نذر عباس توهين عدالت ڪيس جو رڪارڊ ڪسٽم ڊيوٽي ڪيس سان ڳنڍڻ جو حڪم به ڏنو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
9.6 ° C
9.6 °
9.6 °
27%
2.2m/s
15%
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون