- Advertisement -
اسلام آباد هائيڪورٽ جي جج محسن اختر ڪيانيءَ چيو آهي ته 26هين آئيني ترميم هڪ خط جي بنياد تي ڪئي وئي، سندس خيال آهي ته 26هين آئيني ترميم کي آخرڪار سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ ئي ٻڌندي.
اسلام آباد هائيڪورٽ بار ايسوسيئشن جي تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته شخصي آزادين سميت ڪنهن قسم جا مسئلا آهن اهي سڀني کي نظر اچي رهيا آهن، شخصي آزاديءَ جو تحفظ ڪندڙ ميڊيا جي به ضرورت آهي.
هن چيو ته ججن ۽ وڪلين کان به غلطيون ٿينديون آهن، پر وڪيلن گذريل ڏهن ورهين ۾ بهتري آندي آهي، کين اهي آزاد جج گهرجن جيڪي عدليا جو تقدس برقرار رکن.
جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته 26هين آئيني ترميم هڪ خط جي بنياد تي ڪئي وئي، پر اها ترميم ادارن کان مايوس نه ٿي ڪري سگهي، اهڙا مرحلا ملڪي تاريخ ۾ ايندا رهندا آهن، ماڻهن جي اميد عدليا ۽ پارليامينٽ مان آهي.
هن چيو ته سندس خيال آهي ته 26هين آئيني ترميم کي آخر ۾ سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ ٻڌندي، اهو معاملو پاڪستان جي عوام جي نظام جي بقا لاءِ حل ٿيندو……………..- Advertisement -
