تازه ترين

سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ سي ڊي اي کان مارگلا هلز ۾ غير قانوني اڏاوتن تي تفصيلي رپورٽ طلب

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ سي ڊي اي کان مارگلا هلز ۾ غير قانوني اڏاوتن تي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ست رڪني آئيني بئنچ مارگلا هلز ۾ غير قانوني اڏاوتن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران خانگي هوٽل جي وڪيل  موقف اختيار ڪيو ته عدالت جي حڪم تي سندن ريسٽورنٽ کي ڪيرايو ويو، مارگلا هلز ۾ اڃا به 134 جي لڳ ڀڳ هوٽل، ريسٽورنٽ ۽ ڪيبنون موجود آهن. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان چئو ٿا ته نه اسان پاڻ کائيندا ۽ نه وري ڪنهن ٻئي  کي کائڻ ڏيندا. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته مارگلا هلز پروٽيڪٽڊ ايريا آهي، مارگلا هلز ۾ هر قسم جي اڏاوتن کي غير قانوني قرار ڏنو ويو آهي،  اڃا ڪيتريون غير قانوني اڏاوتون مارگلا هلز ۾ موجود آهن. ميونسپل ڪارپوريشن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته مارگلا ۾ 80 کان 132 اڏاوتون  موجود آهن. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته سپريم ڪورٽ رڳو خانگي هوٽل لاءِ آرڊر جاري ڪيو، عدالت مارگلا هلز تي اڏاوتن بابت اصول طئه ڪري ڇڏيا آهن، سي ڊي اي پنهنجو ڪم ڇو نه ڪري رهي آهي؟ ڊي جي ماحولياتي ايجنسي چيو ته مارگلا هلز  ۾ اڃا به 50 ڪيبنون هلي رهيون آهن جيڪي مارگلا هلز لاءِ ماحولياتي مسئلن جو سبب بڻجي رهيون آهن. جسٽس مسرت هلالي چيو ته  سي ڊي اي عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڇو ڪري رهي آهي؟ ميونسپل ڪارپوريشن چيو ته مارگلا نيشنل پارڪ ۾ اسلام آباد ڪلب به اچي وڃي ٿو. جسٽس نعيم اختر افغان چيو ته 1960ع جي ماسٽر پلان ۾ سپريم ڪورٽ به مارگلا نيشنل پارڪ ۾ ٺهي جنهن تي جسٽس مظهر علي مظهر رمارڪس ڏيندي چيو ته سي ڊي اي کي پهريون مارگلا هلز جي چوڌاري غير قانوني اڏاوتون ڏسڻ گهرجن، مارگلا هلز جي ڀرپاسي مان فارغ ٿي پوءِ سي ڊي اي سپريم ڪورٽ کي ڏسي. ڊي جي سي ڊي اي عدالت کي آگاهه ڪيو ته عدالتي حڪمن ۾ ڪيبنن کي ڪيرائڻ کان روڪيو ويو آهي، جسٽس امين الدين خان هدايت ڪئي ته رپورٽ پيش ڪئي وڃي ته مارگلا هلز ۾ ڪيتريون ڪيبنون آهن،. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته مارگلا هلز هوندي توهان سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد ڪلب هليا ويندا آهيو، جسٽس مسرت هلالي چيو ته جيتري تباهي ڪي پي ۾ مارگلا هلز تي ٿي سوچي نه ٿو سگهجي، ناران وڃي ڏسو ته ڪهڙي حالت آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
24.1 ° C
24.1 °
24.1 °
60 %
1.3kmh
99 %
سُومر
29 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون