- Advertisement -
راولپنڊي جي عدالت 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ تحريڪ انصاف باني جي گهرواري بشريٰ بي بي کي ايندڙ ٻڌڻي تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 9 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد راڻا اڊيالا جيل ۾ تحريڪ انصاف باني ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران بشريٰ بي بي عدالت ۾ پيش نه ٿي.
عدالت بشريٰ بي بي ضمانت نه ٿيڻ جوڳي گرفتاري وارنٽ تي عمل لاءِ ٻيهر نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي کيس گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
جوابدارن طرفان اڄ به 342 جي سوالن تي جواب داخل نه ڪرايو ويو.
عدالت ريفرنس جي وڌيڪ ٻڌڻي 9 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي………- Advertisement -
