- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ فوجي عدالتن ۾ سويلين جو ٽرائل روڪڻ بابت درخواست رد ڪندي اڳوڻي چيف جسٽس جواد ايس خواجه تي 20 هزار رپيه ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
جسٽس امين الدين جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ست رڪني آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت جواد ايس خواجه جي وڪيل کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان آئيني بينچ کي تسليم ڪريو ٿا؟، جنهن وڪيل چيو ته هو آئيني بينچ جي اختيار جي دائري کي تسليم نٿو ڪري.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته پوءِ اوهان عدالت جو ڪمرو ڇڏي وڃو، جنهن تي وڪيل چيو ته موجوده آئيني بينچ جوڊيشل ڪميشن نامزد ڪئي آهي.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڇا 26 هين آئيني ترميم ڪالعدم ٿي چڪي آهي؟.
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اوهان جي طرفان دير جا طريقا استعمال ٿي رهيا آهن، 26هين آئيني ترميم ڪالعدم ٿي وڃي ته عدالتي فيصلن کي تحفظ فراهم ڪيو ويندو آهي.
عدالت فوجي عدالتن ۾ سويلين جو ٽرائل روڪڻ بابت درخواست رد ڪندي اڳوڻي چيف جسٽس جواد ايس خواجه تي 20 هزار رپيه ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.- Advertisement -
