- Advertisement -
سپريم ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جون مخصوص سيٽون ٻين سياسي پارٽين حوالي ڪرڻ بابت پشاور هائيڪورٽ جو فيصلو معطل ڪندي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪندي لارجر بئنچ جوڙڻ لاءِ معاملو ججز ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ۾ سني اتحاد ڪائونسل جون مخصوص سيٽون ٻين سياسي پارٽين حوالي ڪرڻ بابت جي ٻڌڻي ٿي.
جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت لارجر بينچ جوڙڻ جي درخواست ڪئي.
وفاقي حڪومت طرفان ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان موقف اختيار ڪيو ته اپيلون لارجر بينچ ئي ٻڌي سگهي تي پر عدالت بينچ تي اعتراض رد ڪري ڇڏيو.
مخصوص سيٽن تي نامزد عورت اسيمبلي ميمبرن به بينچ تي اعتراض ڪري ڇڏيو.
عورت اسيمبلي ميمبرن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته هي آئين جي آرٽيڪل 51 جي تشريح جو ڪيس آهي، پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون تحت ڪيس 5 رڪني بينچ ٻڌي سگهي ٿي.
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته هاڻي ته اپيلن جي ٻڌڻ جوڳو هئڻ بابت فيصلو ٿيڻو آهي، ٻڌڻي جوڳي هئڻ بعد لارجر بينچ جو معاملو به ڏٺو ويندو.
سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل فيصل صديقي دليل ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ جي آزاد ڪامياب اسيمبلي ميمبرن سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ڪئي، جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ست اميدوار اڃا تائين آزاد حيثيت ۾ قومي اسيمبليءَ جو حصو آهن؟.
جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته ڇا پي ٽي آءِ هڪ رجسٽرڊ سياسي پارٽي آهي؟.
وڪيل فيصل صديقي چيو ته تحريڪ انصاف هڪ رجسٽرڊ سياسي پارٽي آهي جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته رجسٽرڊ سياسي پارٽي آهي رڳو اليڪشن ۾ حصو نه ورتو.
جسٽس محمد علي مظهر پڇاڻو ڪيو ته آزاد ميمبرن کي ڪيترن ڏينهن ۾ ڪنهن پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اختيار هوندو آهي؟، جنهن تي وڪيل فيصل صديقي ٻڌايو ته آزاد قومي اسيمبلي ميمبرن کي ٽن ڏينهن ۾ ڪنهن سياسي پارٽي ۾ شامل ٿيڻو هوندو آهي.
جسٽس اطهر من الله چيو ته قانون ۾ ڪٿي لکيل آهي ته چونڊ نشان نه ملڻ تي سياسي پارٽي اليڪشن نٿي وڙهي سگهي؟.
وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته هو هي سوال کڻي اليڪشن کان اڳ عدالت ويا هئا، جنهن تي جسٽس اطهر من الله چيو ته هڪ ڳالهه ته طئي آهي جنهن پارٽي جا جيترا نمائندا آهن اوتريون ئي مخصوص سيٽون ملنديون.
سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن عملدارن کي رڪارڊ سميت فوري طور طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ۾ ساڍي يارهين وڳي تائين وقفو ڪري ڇڏيو.
ڪيس جي ٻيهر ٻڌڻي شروع ٿيندي ئي اٽارني جنرل ۽ ڊي جي لا اليڪشن ڪميشن عدالت ۾ پيش ٿيا.
جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته سوال ڪيو ته ورهايل سيٽون ٻيهر ورهائي سگهجن ٿيون؟، مخصوص سيٽون ان لاءِ ورهايون ويون ته هائوس پورو هجي، ان ۾ ڪٿي غلطي آهي؟.
سپريم ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جون مخصوص سيٽون ٻين سياسي پارٽين حوالي ڪرڻ بابت پشاور هائيڪورٽ جو فيصلو معطل ڪندي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪندي لارجر بئنچ جوڙڻ لاءِ معاملو ججز ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو.- Advertisement -
