سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھه سپريم ڪورٽ جي نيب ترميمن بابت فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ملڪي مفاد کي نظر ۾ رکندي درست ۽ دانشمندي وارو فيصلو ڏنو آهي.
سيد زين شاھه چيو ته ملڪ جي پارليامينٽ ترميم ڪري جيڪو پاڪستان تي ڪارو داغ لڳايو ھو اھو سپريم ڪورٽ ڌوئي ڇڏيو آھي.
هن چيو ته اميد آهي ته نئون ايندڙ چيف جسٽس ملڪي مفادن لاءِ فيصلي کي برقرار رکندو.
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه چيو ته ھن فيصلي جي تناظر ۾ ڪرپٽ ٽولي جو احتساب ٿيو ته ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن ٿيندو. هن چيو ته کين اميد آهي ته نگران حڪومت ڪرپٽ اڳوڻن حڪمرانن کي گرفتار ڪري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندي ۽ ملڪ جي چوري ٿيل دولت واپس آڻيندي .
