- Advertisement -
سپريم ڪورٽ قومي اسيمبليءَ جي ٽن تڪن ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ سان لاڳاپيل لاهور هائيڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي اليڪشن ڪميشن جو فيصلو بحال ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ٻه هڪ جي اڪثريت سان فيصلو ٻڌايو.
جسٽس عقيل فيصلي سان اختلاف ڪيو آهي.
عدالت لاهور هائيڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي مسلم ليگ نون جي ٽن اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو.
مسلم ليگ نون جي اظهر قيوم نهرا، عبدالرحمان ڪانجو ۽ ذوالفقار احمد لاهور هائيڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي.
اين اي 154 لوڌران، اين اي 81 گجرانوالا ۽ اين اي 79 گجرانوالا ۾ اعتراضن واريا ويا هئا.
اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ نون جي اميدوارن جو اپيلون منظور ڪيون هيون، اليڪشن ڪميشن ن ليگ جي ٽنهي اميدوارن جي ڪاميابيءَ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو هو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ طرفان لکيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر۽ ميمبر احترام لائق آهن.
هن چيو ته بدقسمتي سان ڪجهه جج ادارن جي احترام واري رخ کي نظرانداز ڪري توهين جوڳا رمارڪس ڏيندا آهن، جڏهن ته هر آئيني ادارو ۽ آئيني عهديدار احترام لاڳا آهن، ادارن جي ساک ۾ تڏهن اضافو ٿيندو آهي جڏهن احترام سان دائري اندر فرض ادا ڪن.
لکت فيصلي ۾ چيو ويو ته اها تسليم ٿيل حقيقت آهي ته ٽن تڪن ۾ ٻيهر ڳڻپ جون درخواستون 9 ۽ 10 فيبروري تي اچي ويون هيون.
فيصلي ۾ چيو ويو ته پنج آگسٽ 2023ع تي اليڪشن ايڪٽ 20178ع ۾ ترميم ذريعي رٽرننگ آفيسرن کي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو اختيار ڏنو ويو، جڏهن هائيڪورٽ ۾ ڪيس ويو ته تنهن وقت اها ترميم موجود هئي، هائيڪورٽ سيڪشن 95 جي ذيلي شق پنج کي نظرانداز ڪيو- Advertisement -
