- Advertisement -
تيراهه وادي ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيل ليفٽيننٽ عذير محمود ملڪ اباڻي علائقي ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته شهيد ليفٽيننٽ عذير محمود جي جنازي نماز ۽ تدفين ۾ پاڪ فوج جي آفيسرن، شهيد جي وارثن ۽ علائقي واسين جي شرڪت ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته شهيدن جون قربانيون دهشتگردي خلاف عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.
9 آگسٽ تي خوارجين سان مقابلي ۾ زخمي ٿيل ليفٽيننٽ عذير محمود آچر ڏينهن شهيد ٿي ويو هو.- Advertisement -
