- Advertisement -
حڪومتي ايم اين اي بيرسٽر عقيل ملڪ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۽ 2024 جو آرڊيننس اڄ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو.
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي بيرسٽر عقيل چيو ته 26 هين آئيني ترميم تحت آئيني بيچن جي جوڙجڪ جو معاملو ۽ آرٽيڪل 184 ٿري جو اختيار به ڏسڻو آهي.
هن چيو ته ججن جو انگ وڌائڻ جو بل پرائيويٽ ميمبر عبدالقادر جو هو، اڄ ججن جو انگ وڌائڻ جو بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو.
عقيل ملڪ چيو ته سپريم ۾ ججن جو انگ وڌائڻ لاءِ 2 ڀاڳي 3 اڪثريت ضروري ناهي، هي معاملو سادي اڪثريت سان طئي ٿيڻو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته غلط تاثر ڏنو پيو وڃي ته حڪومت پنهنجا جج آڻڻ چاهي ٿي.- Advertisement -
