تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

پي ٽي آءِ باني جا الزام احتساب کان بچڻ ۽ سياسي عدم استحڪام کي هوا ڏيڻ لاءِ جاري مهم جو حصو آهن : شرجيل ميمڻ

- Advertisement -
سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ باني پي ٽي آءِ جي آرمي چيف کي لکيل کليل خط بابت چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ جا الزام احتساب کان بچڻ ۽ سياسي عدم استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي مهم جو حصو آهن. صحافين سان ڳالهائيندي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته سڀئي آئيني ترميمون جمهوري عمل مان گذريون آهن، چونڊيل ججن بابت باني پي ٽي آءِ جا الزام گمراهه ڪندڙ آهن. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ پاڻ 2018 ۾ اليڪٽورل انجنيئرنگ جي الزامن وچ ۾ اقتدار ۾ آئي، باني پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ ثاقب نثار کي استعمال ڪيو. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار باني پي ٽي لاءِ هڪ ڪارڪن طور ڪم ڪيو، باني پي ٽي آءِ-ثاقب نثار جي ڳٺ جوڙ کي عوام اڄ تائين ناهي وساريو. شرجيل انعام ميمڻ جو چيو ته ثاقب نثار پي ٽي آءِ لاءِ هڪ ڪارڪن جي حيثيت سان ڪم ڪيو، ان جو پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪو مثال ناهي. سندس چوڻ هو ته عوامي حمايت وڃائڻ کان پوءِ، پي ٽي آءِ جا باني جمهوري عمل کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پنهنجي دور ۾ پي ٽي آءِ باني عدليه تي غير ضروري اثر وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، سندس موجوده شڪايتون منافقت تي ٻڌل آهن. هن وڌيڪ چيو ته ذاتي سياسي فائدي لاءِ رياستي ادارن کي بدنام ڪرڻ غير ذميواراڻو ۽ قومي استحڪام لاءِ نقصانڪار آهي، جمهوري ادارن جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ غلط بياني پکيڙڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان کي سياسي پختگي ۽ استحڪام جي ضرورت آهي، ذاتي رنجش جي ڪري ورهائيندڙ بيان بازي جي نه.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
8 %
6.3kmh
60 %
ڇنڇر
29 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون