- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هٿياربند فوج طرفان ڀارت کي ڏنل شڪست جي جشن کي سموري قوم شاندار نموني ملهائي، ڇاڪاڻ ته ماضيءَ جي جنگين جو مشاهدو رڳو پراڻن نسلن ڪيو هو، موجوده نسل پهريون ڀيرو هوائي، بري ۽ سامونڊي فوجن کي دشمن کي عبرتناڪ شڪست ڏيندي ڏٺو.
سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته سڄي سنڌ ۾ ضلعي سطح تي جشن آزاديءَ جون تقريبون جاري آهن، جن ۾ راندين جا مقابلا، عورتن جي واڪ، ميوزيڪل شوز، آتشبازي ۽ ٻيون رنگا رنگ تقريبون شامل آهن.
هن چيو ته مزارِ قائد تي وڏي وزير، ڪابينا ميمبرن ۽ اسپيشل ٻارن سان گڏ تقريب ڪوٺائي وئي، 11 آگسٽ تي اقليتن لاءِ خاص ڏينهن طور آزاديءَ جا پروگرام ڪوٺايا ويندا.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حيدرآباد ۾ سنڌ حڪوتم ۽ عارف حبيب جي سهڪار سان شاندار ميوزيڪل پروگرام ٿيندو، جڏهن ته تيرهن آگسٽ تي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ملڪ جو سڀ کان وڏو شو ٿيندو، جنهن ۾ ملڪ جا مشهور فنڪار ۽سيليبرٽيز شريڪ ٿيندا.
سينيئر صوبائي وزير چيو ته سي وي تي ڊونگي ريس ۽ بوٽس ريس جهڙا منفرد ايونٽ به ٿيندا، عوام کي اپيل آهي ته سکر، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ٿيندڙ شوز ۾ ڀرپور شرڪت ڪن.
شرجيل ميمڻ چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ به پارلياماني وفد سان گڏ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪيو………..- Advertisement -
