- Advertisement -
سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت شهيد صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس جي ٻڌڻي 3 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ون جي جج عبدالرحمان قاضي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
فريادي ڪرم الله مهر، شاهد مهر ۽ ٻيا واسطيدار عدالت ۾ پيش ٿيا.
جج طرفان شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ چيو ويو.
فريادي عدالت کي استدعا ڪئي ته هنن ڪيس منتقل ڪرڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي.
فريادي ڌر جي وڪيلن جج تي بي اعتمادي ۽ ڪيس منتقلي واري هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل هئڻ سبب مهلت گهري ورتي.
عدالت فريادي ڌر جي ڪيس ٽرانسفر واري درخواست جو فيصلو اچڻ تائين مهلت واري درخواست تي ٻڌڻي 3 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته هڪ سال اڳ ھٿياربندن فائرنگ ڪري خانگي ٽي وي جي رپورٽر جان محمد مهر کي قتل ڪيو هو، جنهن جي قتل جو ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.- Advertisement -
