- Advertisement -
سکر ۾ رات دير سان مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ٻن ڄڻن جي وارثن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ٻن ڄڻن جي وارثن پاران پريس ڪلب اڳيان لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو.
مظاهرين جو چوڻ هو ته پوليس اسان جي نوجوانن انور ۽ خادم نون کي گهران کنڀي کڻي وڃي ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو آهي.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي منصفاڻي جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.- Advertisement -
